ٻير (ديهه)

ٻيرِ: ھن نالي سان ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ فقط ھڪ ڳوٺ آباد آھي ۽ تعلقي قمبر جي ديهه ”ٻير آباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ جو نالو، ”ٻير شريف“ آھي، جنھن جي آبادي ٻه هزار کن آھي. ھتي پرائمري اسڪول موجود آھي، سنڌ جو مشھور عالم مولانا عبدالڪريم ٻير وارو، ھتي جو رھاڪو ھو، ھتي سندس مشھور علمي درسگاهه به موجود آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو